ايجاب ۽ قبول1

ايجاب ۽ قبول: هي شرعي اصطلاح آهي، جنهن جي معنيٰ واپار يا نڪاح جي وقت اقرار ڪرڻ آهي. يعني واپار يا نڪاح جون ڌُريون جيڪي خريد ۽ فروخت يا نڪاح جي اقرار جا الفاظ ورجائن ٿيون، تن کي ايجاب ۽ قبول چيو وڃي ٿو. مثال طور ڪو شخص چوي ته مون توکي فلاڻي شيءِ هيتري رقم جي عيوض ۾ وڪڻي ڏني يا ڪو مرد چوي ته مان هيتري ’مهر‘ جي عيوض توکي نڪاح ۾ آڻڻ گهران ٿو يا عورت چوي ته مان هيتري مهر جي عيوض تو سان نڪاح ڪريان ٿي ته اهو ’ايجاب‘ چئبو. اهي لفظ ڌُرين جا وڪيل به ادا ڪري سگهن ٿا. ٻي ڌر جي طرفان جيڪا رضامندي هوندي. ان کي قبول چيو ويندو. ايجاب ۽ قبول جي لفظن جو ماضيءَ جي صيغي وارو هجڻ ضروري آهي. مستقبل جي صيغي ۾ ايجاب ۽ قبول نه ٿيندو. مثال طور ڪو هي چوي ته آئون هي شيءِ تو کي وڪڻندس يا تو سان نڪاح ڪندس، ته اهو ’ايجاب‘ نه چئبو. اهڙيءَ طرح ڪو هي چوي ته مان تنهنجي شيءِ خريد ڪندس يا تنهنجي نڪاح کي قبول ڪندس ته اهو ’قبول‘ نه ٿيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو